نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور

نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) منشيات ڪيس جي جوابدار نتاشه جڊيشل ماجسٽريٽ اوڀر جي عدالت آڏو پيش نه ٿي، وڪيل هڪ ڏينهن جي حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائيندي چيو ته نتاشه جي طبيعت خراب آهي عدالت حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار عورت جي ضمانت منظور ڪندي کيس ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پابند بڻايو هو نتاشه جي گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن پاران معاف ڪرڻ تي عدالت حادثي ڪيس ۾ به نتاشه جي ضمانت منظور ڪئي هئي نتاشه منشيات جي ڪيس ۾ به ضمانت تي آهي، نتاشه تي الزام آهي ته هوءَ منشيات واپرائڻ بعد گاڏي ڊرائيو ڪري رهي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو