ناقابل شڪست پهلوان گاما کي گوگل جو خراج

ناقابل شڪست پهلوان گاما کي گوگل جو خراج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گوگل برصغير جي عظيم ريسلر”گاما پهلوان“ جي سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي ڊوڊل کي گاما ريسلر جي نالي ڪيو آهي. غلام محمد بخش بٽ 52 سالن تائين ريسلنگ ۾ ناقابل شڪست رهيو، کيس گذريل صديءَ جو ڪامياب ترين پہلوان مڃو وڃي ٿو. گاما پہلوان پنهنجي ڪيريئر ۾ ننڍا وڏا 5 هزار مقابلا ڪيا ۽ سڀني ۾ڪامياب رهيو. گاما ريسلر جو ڀائٽيو ڀولو ريسلر 20 سالن تائين پاڪستان جو قومي چيمپيئن به رهيو. رستم هند جي نالي سان مشهور هي پهلوان 22 مئي 1978 تي امر تسر جي ڳوٺ جَبُو وال ۾ پيدا ٿيو ۽ 23 مئي 1960 تي وفات ڪئي. هو 15 آڪٽوبر 1910 ۾ ورلڊ هيوي ويٽ چيمپئن بڻيو هو. پاڪستان ٺهڻ بعد سندس خاندان لڏي آيو ۽ سندس وفات لاهور ۾ ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو