ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو. مالي سال جي آخري ڏينهن 30 جون تي، 100 انڊيڪس 1,248 پوائنٽس وڌي 125,627 تي بند ٿيو، ۽ مالي سال 2025 ۾، 100 انڊيڪس 47,182 پوائنٽس وڌي ويو.مالي سال جي پهرين ڏينهن تي، ڪاروبار جي شروعات کان ئي مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو ۽ ڪاروبار سٺو شروع ٿيو. ٽريڊنگ جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس 1,100 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، پر ٽريڊنگ دوران ان ۾ وڌيڪ رفتار آئي ۽ انڊيڪس 1,792 پوائنٽس جي واڌ سان 127,000 جي نئين بلند ترين سطح کي پار ڪري ويو.










