نئين سال جي موقعي تي سخت سيڪيورٽي پلان تيار

نئين سال جي موقعي تي سخت سيڪيورٽي پلان تيار

لاهور: (ويب ڊيسڪ) نئين سال جي لاءِ سخت سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي.نئين سال بابت پنجاب پوليس امن امان يقيني بنائڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان مڪمل ڪيو ويو. آءِ جي پنجاب عثمان انور نئين سال تي لاهور سميت سموري صوبي جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.پنجاب پوليس جي ترجمان موجب نئين سال جي موقعي تي سموري صوبي ۾ 25 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي انجام ڏيندا. جڏهن ته صرف لاهور ۾ پنج هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.لاهور سميت سموري پنجاب ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان سرگرمين جي مانيٽرنگ ڪئي ويندي. آءِ جي پنجاب پوليس کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ ملڪ دشمن عناصرن تي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. آءِ جي پنجاب عمران انور چيو ته نئين سال جي موقعي تي ون ويلنگ، هوائي فائرنگ جي اجازت نه هوندي، گوڙ ڪري شهرين ۽ عورتن کي تنگ ڪندڙ شر پسند عاصرن کي جيل ۾ بند ڪيو ويندو.آءِ جي پنجاب عثمان انور نئين سال جي موقعي تي ٽريفڪ جا گڏيل انتظام يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊولفن اسڪواڊ پيرو، ايليٽ فورس، پي ايڇ پي ٽيمن کي روڊن ۽ شاهراهن تي پيٽرولنگ وڌائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. آءِ جي پنجاب چيو ته لاهور سميت سمورن شهرن ۾ سرچ اينڊ سوئپ آپريشن باقاعدگي سان جاري رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو