ن ليگ ايم اين اي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل

ن ليگ ايم اين اي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگي ايم اين خلاف رياست جي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ميان جاويد لطيف جي خلاف رياست سان بغاوت، غداري ۽ سائبر ڪرائم ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ان جي خلاف ڪيس شهري جي درخواست تي ٽائون شپ ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٽائون شپ جي رهواسي جميل سليم جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ته جاويد لطيف ملڪ جي حڪومت ۽ امن امان سان گڏوگڏ رياستي ادارن جي خلاف ماڻهن کي ڀڙڪايو.هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ جي  ڪارڪنن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪئي. ايف آءِ آر موجب ايم اين اي عوام ۾ خوف حراس ڦهلايو. هن ٽي وي تي ملڪي سلامتي ۽ رياستي ادارن جي خلاف بيان ڏئي فوجداري، ملڪي ۽ آئيني قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جاويد لطيف حڪومت ۽ رياستي ادارن جي خلاف بيان ڏئي ڏوهاراڻي عمل جو حصو ٿيو آهي.واضح رهي ته جاويد لطيف ٽي وي پروگرام ۾ چيو هو ته جيڪڏهن مريم نواز کي ڪجهه ٿيو ته هو پيپلز پارٽي جيان پاڪستان کپي جو نعرو نه لڳائيندو پر ان ۾ ملوث ذميوارن کي قوم ڪٽهڙي ۾ آڻيندي. ڪوبه وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو ان ڪري ملڪ تي رحم ڪيو وڃي ۽ اوڀر پاڪستان جهڙي ڪهاڻي کي ٻيهر ورجايو نه وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو