ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) بلديه ٽائون نيول ڪالوني ۾ رهائش پذير عورت ۽ انهي جي ٻن پٽن کي اڳوڻي مڙس فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي واري هنڌان جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جوابدار 2 سال اڳ پنهنجي زال کي طلاق ڏني هئي، جوابدار گهر ۾ داخل ٿيڻ تي ماءُ ۽ ٻن معصوم پٽن کي بيدردي سان قتل ڪيو.تفصيل موجب سعيدآٻاد ٿاڻي جي علائقي بلديه ٽائون نيول ڪالوني سيڪٽر 6 گهٽي نمبر 4 ۾ واقع گهر نمبر 43 ۾ رهائش ڪندڙ ماءُ ۽ انهي جي ٻن معصوم پٽن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ جي واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، پوليس شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪرائم سين يونٽ کي به موقعي تي طلب ڪري ورتو. جڏهن ته مقتولن جا لاش ايڌي ايمبولينس جي ذريعي سول ٽراما سينٽر منتقل ڪيا ويا.فائرنگ جي واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي ڪياماڙي ملڪ سنگهار به واقعي واري هنڌ پهچتو ۽ شاهدين جو جائزو ورتو. فائرنگ ڪري قتل ڪيل عورت جي سڃاڻپ 35 ورهين جي سمعيه ۽ انهن جي ننڍي عمر جي پٽن جي سڃاڻپ 14 ورهين جو شهروز عرف شمهروز ۽ 12 ورهين جي عبدالله جي نالن سان ڪئي وئي. مقتول ماءُ ۽ پٽن جو تعلق بهاوالپور سان هو.ايس ايڇ او سعيدآباد پرويز سولنگي نجي چينل کي ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع مقتوله جي سئوٽ فهد طرفان پوليس کي ڏنل شروعاتي ڄاڻ موجب مقتوله ۽ انهي جي 2 پٽن کي مقتوله جي اڳوڻي مڙس شوڪت گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته جوابدار شوڪت مقتوله کي 2 سال اڳ طلاق ڏني هئي ۽ انهن جي وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا هئا. پاڙي وارن موجب عورت جو اڳوڻو مڙس جڏهن به گهر ايندو هو ته جهيڙو ٿيندو هو.سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار بلديه ٽائون واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪياماڙي مان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته شروعاتي ڄاڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. جوابدار کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. عورت ۽ معصوم ٻارن جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪيو ويندو.










