مٽياري:(ن س) مٽياري ڀرسان ڀٽ شاھ موري تي ايل اين پي جي گئس اسٽيشن جي سلينڊر ۾ اوچتو ڌماڪو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ دوڪاندار نادر گھلو، عابد گھلو ۽ رڪشا ۾ گئس ڀرائڻ لاءِ آيل رڪشا ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تي ڀٽ شاھ رورل هيلٿ سينٽر ۾ طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. ريسڪيو ٽيم موجب سلينڊر جي دوڪان ۾ ڌماڪي کان پوءِ باهه لڳي وئي هئي جنهن تي ڪنٽرول ڪيو ويو. ريسڪيو اهلڪارن موجب واقعي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته گيس سلينڊر جي دوڪان بنا لائسنس جي قائم ڪئي وئي، دوڪاندار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










