ميڊيا ۾ نواڻ لاءِ نئين ٽيڪنالوجي اختيار ڪرڻي پوندي: سولنگي

ميڊيا ۾ نواڻ لاءِ نئين ٽيڪنالوجي اختيار ڪرڻي پوندي: سولنگي

لاهور (ويب ڊيسڪ) نگران سڌسماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن پاڪستان جو هاڪاري اميج سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ميڊيا ۾ نواڻ لاءِ نئين ٽيڪنالوجي اختيار ڪرڻي پوندي هن اهڙن خيالن جو اظهار آچر ڏينهن پاڪستان ٽيليويزن لاهور سينٽر جي دوري ۽ پي ٽي وي جي 59هين سالگرهه جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير محسن نقوي به ان سان گڏ هو جڏهن ته جي ايم پي ٽي وي لاهور سينٽر، قاري سيد صداقت علي سميت ملازم ۽ ٻيا به ان موقعي تي موجود هئا وفاقي وزير چ يو ته پي ٽي وي قومي وحدت جي علامت ۽ اسان سڀني جي ثقافتي ۽ سماجي سڃاڻ جو مظهر آهي هن چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي بهترين نشريات جو 59هون سال سفر قومي تشخص ۽ روشن روايت جو امين آهي پي ٽي وي جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد ڪيل هن تقريب ۾ اچڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي هن چيو ته مون کي خوشي آهي جو پاڪستان ٽيليويزن اڄ پنهنجي 59هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي مان مڙجي ملازمن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو وفاقي وزير چيو ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه به تمام خوشي واري اهي جو اڄ اسان لاهور ۾ اتي بيٺا آهيون جتي 59 سال اڳ ويجهي عمارت ۾ هڪ ٽينٽ ۾ منهنجي استاد اسلم مرزا صاحب پي ٽي وي جي هي ٽرانسميشن شروع ڪرائي مون کي يقين آهي ته هو پي ٽي وي جي هن شاندار سفر تي مرڪندي هوندو هن چيو ته حڪومت ادارن جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ لاءِ سڌارا ڪري رهي آهي اسان پهريان ريڊيو پاڪستان ۾ سڌارا ڪيا آهن هاڻي پوري انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾س ڌارا ڪرڻ وارا آهيون ته جيئن انهن شعبن جي ڪارڪردگي کي اڃا وڌيڪ وڌائي سگهجي. مرزا سولنگي ۽ محسن نقوي پي ٽي وي ملازمن سان گڏجي 59هين سالگرهه جو ڪيڪ به ڪٽيو ۽ کين مبارڪون ڏنيون جنهن کان پوءِ نگران وفاقي وزير ۽ وڏي وزير پي ٽي وي لاهور سينٽر جا مختلف حصا ڏٺا.

پهنجو تبصرو موڪليو