ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ منڪي پوڪس جو ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ صحت کاتي ۾ پريشاني جي لهر ڇانيل آهي.سنڌ انفيڪشن ڊيزيز اسپتال جي ايم ايس موجب، 22 سالن جي نوجوان ۾ ايم پوڪس جي تصديق ٿي آهي. مريض جو تعلق بفر زون سان آهي ۽ رپورٽ مثبت اچڻ کان پوءِ، کيس فوري طور تي آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو.ايم ايس جو چوڻ آهي ته متاثر مريض جي ڪا به سفري تاريخ سامهون نه آئي آهي، جنهن سبب مقامي سطح تي وائرس جي پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.هن وڌيڪ چيو آهي ته ڪراچي ۾ ايم پوڪس جو پهريون ڪيس مارچ ۾ رپورٽ ٿيو هو، جڏهن ته هاڻي ٻئي ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ صورتحال تي ويجهي نظر رکي پئي وڃي.










