ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ جاويد عالم اوڍو ٽريفڪ پوليس ڪراچي پاران نئين ٽريفڪ مانيٽرنگ سسٽم TRACS بابت آگاهي لاءِ منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي۔ مقامي هوٽل ۾ “An Hour with Traffic Police Karachi” جي عنوان سان ٿيل تقريب ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر سان لاڳاپيل معروف شخصيتن، بزنس ڪميونٽي جي نمائندن ۽ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ ايڊيشنل آءِ جيز ڪراچي ۽ اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جيز ٽريفڪ ڪراچي، اسپيشل برانچ، ڊرائيونگ لائسنس، ٽريننگ، آءِ ٽي، زونل ٽريفڪ ايس ايس پيز، اي آءِ جي ميڊيا اينڊ پبلڪ رليشنز، پي ڊي آءِ ٽي ۽ ٻيا آفيسر ۽ اهلڪار پڻ موجود هئا۔ڪارپوريٽ سيڪٽر جي نمايان شخصيتن ۾ معيد قريشي، دريد قريشي، عرفان صديقي، اسد علي شاهه، سراج، حسن بلگرامي، ڊاڪٽر جنيد علي شاهه، عمران شاهه، فرحان عيسيٰ، اطهر، سيڪريٽري گورنمينٽ عباس بلوچ، معيد راهمون، سي پي ايل سي مان شبر ملڪ ۽ دنشا آواري شامل هئا۔ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه مهمانِ خصوصي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين معزز مهمانن جو استقبال ڪيو۔ تقريب ۾ ٽريفڪ پوليس ڪراچي پاران روبو ڪارز، موٽرسائيڪلون ۽ ڊرونز پڻ پيش ڪيا ويا۔بريفنگ ڏيندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي چيو ته ڊجيٽل چالان جي نفاذ ۽ ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام هڪ وڏو چئلينج هو، ڇاڪاڻتہ ستر لک گاڏين جي نگراني روايتي يا هٿرادو طريقن سان ممڪن نه هئي۔ هن ٻڌايو ته جان ليوا ٽريفڪ حادثن جي شرح ماهوار 90 ۽ سراسري طور روزانو 3 تائين پهچي چڪي هئي۔هن چيو ته ٽريفڪ پوليس ڪراچي جي پنج هزار اهلڪارن تي مشتمل نفري معمولي پوليسنگ ۽ ٻين مسئلن لاءِ ناڪافي هئي، تنهن هوندي به اليڪٽرانڪ سرويليئنس ذريعي ان کي مؤثر نموني استعمال ڪيو ويو۔ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ٻڌايو ته مختلف ملڪن جي ٽريفڪ نظام جو جائزو وٺڻ بعد TRACS منصوبو حڪومت آڏو پيش ڪيو ويو، جنهن کي فوري طور منظور ڪيو ويو، جڏهنتہ گورنر سنڌ پڻ ان جي توثيق ڪئي۔هن چيو ته هن وقت شهر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ فڪسڊ ڪيمرائون مختلف شاهراهن تي نصب ڪيون ويون آهن، جڏهنتہ وڌيڪ ٻه هزار کان وڌيڪ ڪيمرائون لڳايون پيون وڃن۔ ساڳي طرح شهر ۾ ويهه هزار کان وڌيڪ وڏين گاڏين ۾ ٽريڪنگ سسٽم پڻ نصب ڪيو ويو آهي۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ پوليس جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو TRACS ڊرون ۽ روبو ڪارز يونٽ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جو مقصد گنجان آباد علائقن ۾ فيس ليس چالان نظام کي مؤثر بڻائڻ آهي۔ ڊي آءِ جي ٽريفڪ موجب فيس ليس چالان سسٽم جي ڪاميابي ۾ سنڌ پوليس جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن مختلف ايپليڪيشنون فراهم ڪيون، جن جي مدد سان خودڪار چالان نظام ڪامياب ٿيو۔هن ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي ويزن موجب 32 سيڪشنز ۾ مقرر ٽريفڪ اهلڪارن کي جديد موبائل ٽيبليٽس ۽ ايپليڪيشنن سان ليس ڪندي اي چالان سسٽم جي مؤثر نفاذ جو اختيار ڏنو ويو آهي۔بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فيس ليس چالان کان بچڻ لاءِ نمبر پليٽن ۾ ردوبدل جهڙا معاملا سامهون آيا، جن جي روڪٿام لاءِ خصوصي مهم شروع ڪئي وئي آهي۔ ان موقعي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو تقريب ۾ شريڪ بزنس ڪميونٽي ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته منهنجو ڪم سمت جو تعين ڪرڻ ۽ پنهنجي اداري کي صحيح رخ ۾ اڳتي وڌائڻ آهي۔هن چيو ته اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ خودڪار چالان سسٽم بابت بهترين ڪم ڪيو۔ هن نظام جي نفاذ کان اڳ ايڪسائيز ۽ ڊرائيونگ لائسنس برانچز مان ڊيٽا گڏ ڪيو ويو۔ آءِ جي سنڌ چيو ته فيس ليس چالان سسٽم جي ڪاميابي جو سهرو ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ کي وڃي ٿو، جن ڀرپور سهڪار ڪيو۔هن چيو ته هن نظام سبب خود احتسابي جو عمل شروع ٿيو، جنهن جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن۔ جاويد عالم اوڍو چيو ته سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبلري جي شرح گهٽ ڪري اي ايس آءِ کان وٺي ڊي ايس پي سطح تائين آفيسرن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان نه رڳو پوليس ڪلچر ۾ تبديلي ايندي پر ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ به بهتري ٿيندي۔هن چيو ته هاڻي سنڌ پوليس به دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي طرز تي جديد بنيادن تي استوار ٿيندي۔ شهر ڀر ۾ سي سي ٽي وي تي ٻڌل سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ وسيع ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عوام جي سهڪار جي ضرورت آهي۔ آءِ جي سنڌ چيو ته فيس ليس چالان سميت ٻين منصوبن جي ڪاميابي تي هو حڪومت سنڌ جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهن، جنهن مڪمل تعاون فراهم ڪيو۔هن خوشي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته ايندڙ هفتي جديد هاءِ ٽيڪ ڪيمرائن سان حيدرآباد ۾ پڻ هن سسٽم جي شروعات ڪئي ويندي۔هن چيو ته هن نظام جو فائدو اهو ٿيندو ته روڊن تي پوليس جي ظاهري موجودگي گهٽ نظر ايندي، پر پوليس جو بروقت رسپانس يقيني بڻائي سگهجي ٿو۔هن وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ پوليس جي ظاهري موجودگي کان سواءِ به ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي۔ شهر ڀر ۾ لڳايل ڪيمرائن جي مدد سان ڏوهن جي شرح ۾ 30 کان 40 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي۔آءِ جي سنڌ چيو ته ڪيمرائن جي تنصيب بابت هو خاص طور CPK جا ٿورائتا آهن، جن جي ڪوششن سان ڏوهن جي ڊيٽيڪشن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي۔ هن زور ڏنو ته سڀني بينڪن، مارڪيٽن ۽ ڪمرشل علائقن ۾ لڳايل ڪيمرائن کي سيف سٽي سسٽم سان ڳنڍڻ گهرجي۔ هن چيو ته جيئن بزنس ڪميونٽي سنڌ پوليس سان تعاون ڪيو آهي، اميد آهي ته آئنده به اهو گڏيل سهڪار جاري رهندو۔ تقريب جي اختتام تي آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي وچ ۾ يادگاري شيلڊز جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔










