ملڪ ۾ بينڪ اڪائونٽ رکندڙ عورتن جو تعداد تمام گهٽ آهي

ملڪ ۾ بينڪ اڪائونٽ رکندڙ عورتن جو تعداد تمام گهٽ آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مالياتي شموليت جي صورتحال تمام سٺي ناهي.هڪ بيان ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مدد سان مائڪرو فنانس بينڪن کي سهولت ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه سالن کان مائڪرو فنانس شعبي جي ترقي سست ٿي چڪي هئي.هن چيو ته پاڪستان ۾ مالي شموليت جي صورتحال تمام سٺي ناهي، هن وقت ملڪ جي 64 سيڪڙو بالغ آبادي جا بينڪ اڪائونٽ آهن.گورنر چيو ته ملڪ ۾ عورتن جي بينڪ اڪائونٽس جو تعداد تمام گهٽ آهي، 80 سيڪڙو مرد ۽ 40 سيڪڙو عورتن جا بينڪ اڪائونٽس آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو