اسلام آبا د (بيورو رپورٽ)سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي ملڪ جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 37 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي آهي، نيپرا جو چوڻ آهي ته اها درخواست سيپٽمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ڪئي وئي آهي،نيپرا جو چوڻ آهي ته درخواست جي ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تي ڪئي ويندي، جڏهن ته اهو فيصلو ڪي-اليڪٽرڪ تي به لاڳو ٿيندو.










