اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انصاف ۽ برابري جي بنياد تي جمهوري معاشري جي قيام لاءِ هي ملڪ ٺاهيو ويو هن ملڪ ۾ اڳيان وڌڻ جو هڪ ئي رستو آئين جي بالادستي آهي. يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم ۽ ان جي خدمتن کي وسارڻ سان ملڪ معاشي، سياسي ۽ معاشرتي دلدل ۾ ڦاسندو پيو وڃي. نظرياتي احساس تي عمل ڪرڻ سان ئي پاڪستان اسلامي ملڪ مان رول ماڊل بڻجي سگهي ٿو. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هر ادارو آئيني ۽ مينڊيٽ موجب ڪم ڪري ته جيئن قرارداد پاڪستان ۽ تحريڪ آزادي جا مقصد حاصل ڪري سگهجن.پيپلز پارٽي پاڪستان جي وزن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصفد علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ضد، ڪوڙي انا، بغض، نفرت جي سوچ ملڪ ۽ قوم کي نصان پهچايو آهي. عوام جي مرضي کان سواءِ ان تي حڪومت مڙهڻ جو نقصان ملڪ کي ٿيو آهي. اڄ اسان قائداعظم جي فلسفي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.سماجي ۽ معاشي انصاف رياست جي هر شهري جو بنيادي حق آهي. 1973ع جي آئين تي عمل ڪرڻ سان رياست مصبوط ٿيندي. آئين جي 18هين ترميم وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اعتماد جي ضمانت آهي. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينطير ڀٽو اسان کي ملڪ پرستي جو نظريو ڏنو. پاڪستان جو جوهري پروگرام شهيد ڀٽو جي ياد ڏياريندو رهندو. پاڪستان جي ميزائل ٽيڪنالاجي شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ڏياريندي آهي.










