اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ آئل سيڪٽر کي اوپن ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ چيو ته اهي شروعاتي طور تي تيل جي شعبي کي قيمت جي حد سان ڊي ريگيوليٽري ڪري رهيا آهن،هن چيو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون مقابلي ذريعي وڌ کان وڌ مارڪيٽ شيئر حاصل ڪرڻ لاءِ سستو پيٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ڪنديون، جنهن سان غريبن کي فائدو ٿيندو، ڊاڪٽر مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته بايو فيول پاليسي به جلد اچي رهي آهي ۽ ٽائٽ گيس پاليسي کي به گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ منظور ڪيو ويندو










