مشڪل صورتحال باوجود وزيراعظم ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو

مشڪل صورتحال باوجود وزيراعظم ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو

حيدرآباد: (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ کيئل داس ڪوهستاني حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) کي جڏهن به حڪومت ملي تڏهن ڏکيو دور هو. ملڪ ۾ مشڪل حالتن جي باوجود وزيراعظم شهباز شريف وڏي بهادري سان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو. اڄ ملڪ ۾ جيڪا به صورتحال آهي ان جو ذميوار ماڻهو اڊيالا جيل ۾ ويٺل آهي. جنهن پنهنجي حڪومت ۾ اهڙا معاهدا ڪيا جنهن کي اسان اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ کيئل داس ڪوهستاني حيدرآباد ۾ ياسر ٽالپر جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني اسرائيلي ايجنٽ آهي جيڪو ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو نالو خراب ڪرڻ جي ارادي سان آيو آهي، پي ٽي آءِ باني جي اچڻ جو مقصد قومي ادارن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ آهي جنهن جو فائدو دشمن ملڪن کي ٿيندو. نواز ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي مختلف ادارن کي پرائيويٽائيزيشن ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن جا نالا تمام جلد قوم جي سامهون آندا ويندا. ميان نوازشريف ملڪ کي ايٽمي طاقت بنايو ۽ سڄي ملڪ اندر موٽر وي جو ڄار وڇايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو