مسئلا درپيش آهن،سڀ جادوئي ڇڙي سان حل نه ٿيندا :اورنگزيب

مسئلا درپيش آهن،سڀ جادوئي ڇڙي سان حل نه ٿيندا :اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معيشت جو ڦيٿو هلڻ شروع ڪيو آهي، ملڪ جا مسئلا تمام گهڻا آهن، اسان وٽ جادو جي ڇڻي ناهي ته سڀ ڪجهه هڪ ئي وقت ٿي وڃي، جيڪڏهن شرح سود سنگل ڊيجٽ ۾ اچي وڃي ته پوءِ شيون بهتر ٿي وينديون.ڪماليا ۾ هارين ۽ ڀائيوارن سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته اسان ترقي ڪري اڳتي آيا آهيون ڪنهن جي مدد سان نه، اسلام آباد جي عدالت ۾ نه ويهنداسين، بجيٽ جي تجويزن لاءِ عوام وٽ وينداسين. جيئن ته بجيٽ جي ڏينهن تي اسلام آباد ۾ ماڻهو اچن ٿا، جيڪو غلط آهي.هن چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجي، اختلاف ٿي سگهن ٿا پر چارٽر آف اڪانومي سميت چئن پنجن شين تي سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ملڪ آهي ته اسان سڀ آهيون.محمد اورنگزيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته زراعت ۽ آئي ٽي پاڪستان جي معاشي مستقبل لاءِ تمام اهم آهن، هن چيو ته اسان تمام واضح آهيون، زراعت ۽ آئي ٽي کي هن ملڪ کي اڳتي وڌڻو آهي.هن چيو ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جو پروگرام استحڪام تي مرکوز آهي ۽ واضح ڪيو ته جيڪڏهن زراعت ۽ آئي ٽي کي مشڪلاتون درپيش آهن ته اهو اسان جي ڪري آهي، تنهن ڪري اسان کي ان جو حل ڳولڻو پوندو ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ گهرجي، محمد اورنگزيب ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ ڪيترائي تحقيقي ادارا ڪم ڪرڻ جي باوجود فصلن جي پيداوار کي وڌائڻ ۾ گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو