لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي.ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب تصديق ڪئي آهي ته مريم نواز جي طبيعت خراب آهي مريم نواز ايندڙ چئن ڏينهن جي لاءِ سياسي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن.مريم نواز کي تيز بخاري ۽ گلي ۾ سخت تڪليف آهي. مريم نواز جي ڪورونا ٽيست به ڪرائي وئي جيڪا ناڪاري آئي آهي ڊاڪٽرن مريم نواز کي آرام جو مشورو ڏنو آهي.هن چيو ته مريم نواز طبيعت خراب هجڻ جي باوجود لاهور هاءِ ڪورٽ وئي هئي.










