لاهور (ويب ڊيسڪ)مريم نواز جي 26 مارچ تي نيب پيشي جي معاملي تي پنجاب حڪومت نيب لاهور جي درخواست منظور ڪندي نيب آفيس کي ريڊ زون قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب پنجاب حڪومت طرفان 25 ۽ 26 مارچ 2 ڏينهن جي لاءِ رينجرز ۽ پوليس نيب آفيس جي ڀرپاسي ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. پنجاب حڪومت طرفان رينجرز جي خدمتن جي لاءِ وفاقي گهرو وزارت کي خط لکيو ويو آهي. پنجاب جي قانون واري وزير راجه بشارت چيو آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو. ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. هوڏانهن نيب لاهور ۾ مريم نواز جي 26 مارچ تي پيشي دوران گرفتاري جون افواهون پکڙجي رهيون آهن پر ذريعن موجب نيب طرفان مريم نواز جي گرفتاري جا ڪي به امڪان موجود نه آهن.










