مردان (ويب ڊيسڪ)مردان ۾ سگريٽ فيڪٽري تي ڇاپي دوران ايف بي آر غير قانوني سگريٽن جا 62 ڪارٽن ضبط ڪيا، ايف بي آر ذريعن موجب، هڪ ان لينڊ روينيو ٽيم مردان ۾ هڪ سگريٽ فيڪٽري تي ڇاپو هنيو جنهن دوران غير قانوني سگريٽن جا 62 ڪارٽن ضبط ڪيا ويا، ايف بي آر موجب، ضبط ٿيل سگريٽن تي ٽيڪس ادا نه ڪيو ويو، جنهن جي ڪري فيڪٽري کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مقامي ذريعن موجب، سيل ٿيل سگريٽ فيڪٽري سينيٽر دلاور خان جي آهي ۽ هڪ سياسي شخصيت جي دٻاءُ جي باوجود فيڪٽري خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايتن موجب، غير قانوني سگريٽ ٺاهڻ واري فيڪٽرين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جنهن دوران ڪو به سياسي دٻاءُ قبول نه ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف، سينيٽر دلاور خان ٻڌايو ته هو ڳوٺ نه ويو ۽ کيس پنهنجي فيڪٽري تي ڇاپي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي.










