مراد علي شاهه ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ واسين کي واڌايون

مراد علي شاهه ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ واسين کي واڌايون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي ثقافت واري ڏهاڙي تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌ جي عوام کي واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن پنهنجي ثقافت سان محبت ۽ ٻين جي ثقافت جو احترام جو ڏينهن آهي.وزيراعليٰ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي ثقافت واري ڏهاڙي تي سنڌ جي عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته  سنڌ صوبو دنيا جي خوبصورت تهذيبن جو مرڪز آهي.اسان کي فخر آهي ته اسان سنڌ ڌرتي تي پيدا ٿيا آهيون. اڄوڪو ڏينهن پنهنجي ثقافت سان محبت ۽ ٻين جي ثقافت جي احترام جو ڏينهن آهي.هن سنڌ جي عوام کي درخواست ڪئي ته اچو ته اڄ پنهنجي زبان ۽ پنهنجي روايت کي اجاگر ڪرڻ جو عهد ڪريون.اسان پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي سان تمام گهڻي محبت ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو