مختلف هنڌن جو دورو ، شهري ٻاهر نه نڪرن،ميئر

مختلف هنڌن جو دورو ، شهري ٻاهر نه نڪرن،ميئر

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب شهر جي مختلف هنڌن جو دورو ڪيو.ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب مائي ڪولاچي روڊ، بوٽ بيسن روڊ، دو تلوار، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ٻين هنڌن جو دورو ڪيو. هن چيو ته انتظاميا جي بروقت قدمن جي ڪري شهر ۾ صورتحال معمول تي آهي. تيز هوائن سبب وڻ ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش آيا. پارڪس ڊپارٽمينٽ کي صورتحال صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.ڪراچي جي ميئر چيو ته ٽريفڪ جي وهڪري کي برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن شهري محفوظ طور تي پنهنجي منزلن تي پهچي سگهن. ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي سان گڏ، واٽر ڪارپوريشن جو عملو به روڊن تي موجود آهي ۽ پاڻي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي.بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي ۽ ٻيا آفيسر به هئا. هن وڌيڪ چيو ته شهرين کي گذارش آهي ته غير ضروري طور تي گهرن مان نه نڪرن ۽ احتياط ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو