ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ سبب صارفين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.شهر جي مختلف علائقن مان صبح جو گئس لوڊشيڊنگ جون شڪايتون مليون آهن.انهن علائقن ۾ ملير، کوکراپار، لانڍي، اورنگي ٽائون، نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، گلشن اقبال، گارڊن، لياقت آباد ۽ ناظم آباد شامل آهن.فيڊرل بي ايريا جي مختلف بلاڪن ۽ نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن مان پڻ گئس جي فراهمي معطل ٿيڻ جون شڪايتون مليون آهن.










