دبئي (ويب ڊيسڪ)متحده عرب امارات ۾ نجي شعبي لاءِ پهرين محرم جي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.خليجي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ڪيل اعلان موجب گڏيل عرب امارات ۾ نجي شعبي جي ملازمن لاءِ 7 جولاءِ تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.خليجي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارات جي انساني وسيلن واري وزارت اسلامي سال جي موقعي تي موڪل جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي شروعات ٿيڻ واري آهي.متحده عرب امارات ۾ نئون هجري سال 1446ع آچر کان شروع ٿيندو.ٻئي طرف عمان ۾ اسلامي نئين سال جي شروعات جي موقعي تي سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي ملازمن لاءِ 7 جولاءِ تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.










