ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ماحولياتي گدلاڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي کي گهٽائڻ لاءِ متبادل توانائي جو استعمال وڌائڻو پوندو ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي ناڪاري اثرن کي روڪڻ لاءِ متبادل توانائي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ماحولياتي تبديليون ٻيلن جو استعمال ۽ واڌارو ناگزير آهن. سيد ناصر شاهه چيو ته حڪومت ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ فضائي آلودگي جي شرح ڳڻتي جوڳي آهي، گاڏين ۽ فيڪٽرين جي چمنن مان نڪرندڙ دونهون فضائي آلودگي جو وڏو سبب آهي. هن چيو ته فضائي آلودگي کي روڪڻ لاءِ متبادل توانائي ئي بهترين حل آهي، سنڌ حڪومت متبادل توانائي جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ صوبي ۾ سمورين سرڪاري عمارتن کي سولر ڪرڻ جو عمل جاري آهي، 34 سرڪاري عمارتن کي مڪمل سولرائز ڪيو ويو آهي، جون 2024 تائين 23 سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن مڪمل ٿي ويندي، 100 سرڪاري عمارتن کي سولرائيزيشن جولاءِ 2024 تائين مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي شهري ٻيلن منصوبن تي ڪم جاري آهي، سرسبز ۽ صاف سنڌ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سولرائيزيشن ۽ متبادل توانائي جي استعمال آلودگي ڪندڙ ايندھن جو استعمال گھٽجي ويندو، آلودگي کي گهٽائڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ متبادل توانائي جي ذريعن کي وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.










