مئنگو فيسٽيول پڄاڻي تي پھتي،ان جا نتيجا مثبت ايندا،مهر

مئنگو فيسٽيول پڄاڻي تي پھتي،ان جا نتيجا مثبت ايندا،مهر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني ۽ پاڪستان ميري ٽائم ميوزيم جي گڏيل سهڪار سان هلندڙ پهريون مئنگو فيسٽيول ۽ نمائش پنهنجي آب تاب سان پڄاڻي تي پھتي، سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران آبادگار برادري ۽ صنعت جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم، فيسٽيول ۾ انب جا اسٽال، انب سان تيار ڪيل آئس ڪريم، جوسز ۽ ٻين کاڌن جا اسٽال لڳايا ويا، فيسٽيول ۾ شهرين جي وڏي انگ ۾ ڀرپور شرڪت، سنڌي ثقافت ۽ موسيقي دوران عورتن ۽ ٻارڙن ڀرپور مزو ماڻيو، خبرموجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي ميزباني هيٺ پهريون ٽن ڏھاڙن وارو فيملي مئنگو فيسٽيول ۽ نمائش ڪراچي ۾ پاڪستان ميري ٽائم ميوزيم ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن لاءِ پاڪستان ميرٽائم ميوزيم، ٽي سي اين ايگزيڪيوٽو فورم، ۽ مختلف ادارن ۽ فارم جو سهڪار ڪيو ويو ھو، فيسٽيول جي افتتاحي ۽ اختتامي تقريبن دوران زراعت بابت صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر، سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ايس ايم طارق رفيع سنڌ زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر تھمينہ منڱڻ، يونيورسٽين ۽ بورڊن جو سيڪريٽري عباس بلوچ، صوبائي سيڪريٽري زراعت رفيق ٻرڙو، ڊي جي ميرٽائم ميوزيم اعظم طارق، اڳوڻي وائس چانسلر ڊاڪٽر اي ڪيو مغل، ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ نور محمد بلوچ، ٽي سي اين ايگزيڪيوٽو فورم جي اڳواڻ شهريار احمد، سيڊا جي چيئرمين قبول محمد خطيان، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي، ۽ سنڌ انٽرپرائيز ڊولپمينٽ فنڊ جي آفيسرن سميت تدريسي، سائنسي ادارن، مثالي آبادگارن ۽ صنعت سان واسطو رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي، نمائش ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز ۽ هارٽيڪلچر ڊپارٽمينٽ سميت، ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ، سب ڪيمپس عمرڪوٽ، هارٽيڪلچر انسٽيٽيوٽ ميرپورخاص، ايم ايڇ پنهور فارمز، پلھ فارمز ٽنڊوالهيار سميت مختلف ادارن پاران انب ۽ ان جي مصنوعات جا نمائشي اسٽال، سنڌي ثقافتي اسٽال ۽ ٻيا اسٽال پڻ لڳايا ويا. ان موقعي تي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن کان آيل ماڻهن وڏي دلچسپي سان شرڪت ڪئي، جڏھن تہ عورتن فيسٽيول ۾ لڳايل ثقافتي لباس ۽ ٻارن آئس ڪريم، جوسز ۽ ٻين شين جو مزو ورتو، تقريب کي خطاب ڪندي خاص مهمان زراعت جي صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش خان مهر چيو ته هن فيسٽيول سان مستقبل ۾ مثبت نتيجا حاصل ٿيندا، هاڻي ڪراچي ۾ انب ۽ کجي سميت مختلف ايڪسپورٽ جي قابل زرعي شين جا ترجيعي تي فيسٽيول ھنيا ويندا، ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي، سنڌ حڪومت ۽ ميري ٽائم ميوزيم جي سھڪار سان منعقد ٿيندڙ نمائشن ۾ سيڙپڪارن سان گڏ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻايو ويندو، هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري سنڌ ۾ انبن جي باغن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته سنڌ ۾ آم جي پيداوار لاءِ جديد قسم جا ريسرچ سينٽر قائم ڪجن، سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪتر ايس ايم طارق رفيع چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي هن صحتمند سرگرمي سان نه رڳو هتي جي صنعتڪارن کي زرعي صنعت ۾ سيڙپڪاري جي گنجائش جي خبر پوندي، پر نوجوانن ۾ شهري زراعت ۽ زرعي تدريس جي اهميت جو به پتو پوندو، وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته هن فيسٽيول ۽ نمائش جو مقصد ماڻهن ۾ سنڌ سميت پاڪستان ۾ زراعت ۽ زرعي انڊسٽري ۾ موجود ڪاروباري موقعن جي گنجائش ۽ زرعي تدريسي طرف وڌيڪ لاڙو پيدا ڪرڻ ۽ شهري سيڙپڪارن ۽ زراعت ۾ لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ آهي، پاڪستان ميرٽائم ميوزيم جي ڊي جي ڪيپٽن فاروق اعظم خطاب ڪندي چيو ته فيسٽيول منعقد ڪري وڏي خوشي ٿي آهي، هن سال 14 آگسٽ تي سنڌ حڪومت سان گڏجي کجور فيسٽيول پڻ منعقد ڪنداسين، هن وقت سنڌڙي آم آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو، تقريب ۾ اڳوڻي وزير محمد نعمان سهگل، ٽي ڊي اي پي جي ڊي جي عبدالڪريم ۽ ٻيا موجود هئا، جڏهن ته فيسٽيول ۾ فيمليز جي وڏي تعداد ۾ شرڪت رهي، هن موقعي تي سنڌ سميت پاڪستان ۾ انب جي پوک جي صلاحيت، چئلينجز، ۽ موقعن تي پينل ڊسڪشن ڪيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊاڪٽر مجاهد لغاري، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻو، غلام سرور پنهور، نبي بخش سٺيو، ڊاڪٽر آسيہ اڪبر پنهور سميت ماهرن ۽ آبادگارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ٻئي پاسي ڪمانڊر ڪراچي ريئر ايڊمرل محمد سليم مئنگو فيسٽيول ۽ نمائش جو دورو ڪيو، ۽ نمائش ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، ۽ اهڙين سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۽ مصنوعات کي ويلوي چين ۽ برآمدي معيارن مطابق تيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري سان مختلف ٻن طرفي مفادن تي پڻ ڳالهيون ڪيون، پروگرام جي پڄاڻي واري شام شرڪت ڪندڙن، منتظمين، رضاڪارن ۽ اسٽالز لڳائيندڙ ادارن جي ذميوارن ۾ وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، ڊي جي ميري ٽائم ميوزيم فاروق اعظم تعريفي سرٽيفڪيٽس سان نوازيو، جڏهن ته سنڌ جي فنڪارن سنڌي ۽ اردو ۾ قومي نغما ۽ ثقافتي گيتن سان محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ۽ پروگرام رات دير تائين جاري رهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو