لوڌران (ويب ڊيسڪ)لوڌران ۾ ڄاڃين جي بس ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 28 ٻيا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب، واقعو لوڌران ۾ منڌالي موڙ جي ويجهو پيش آيو، جتي ڄاڃين جي بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيو.پوليس موجب، حادثي ۾ 4 ماڻهو فوت ۽ 28 ماڻهو زخمي ٿيا، جن مان 6 زخمين جي حالت نازڪ آهي.پوليس وڌيڪ چيو ته حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.










