اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سينيئر وڪيل لطيف آفريدي جي قتل کي وڏو نقصان قرار ڏنو آهي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته لطيف آفريدي عظيم شخصيت هو. چيف جسٽس وڪيل افتخار گيلاني کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا لطيف آفريدي جو ڪوهاٽ سان تعلق آهي؟ وڪيل افتخار گيلاني جواب ڏنو ته لطيف آفريدي جو تعلق سرحد واري علائقي سان هو، کيس بار روم ۾ قتل ڪيو ويو.وڪيل افتخار گيلاني دليل ڏيندي چيو ته ان واقعي سان مون کي ڏک ٿيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته لطيف آفريدي جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي.










