لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ ڀٽي گيٽ ويجهو سيوريج لائين ۾ ڪري پوندڙ عورت جو لاش تقريباً 3 ڪلوميٽر پري آئوٽ فال روڊ تي مليو، جڏهن ته ڇوڪري جي ڳولا جاري آهي.ڊي جي آپريشنز فيصل ڪامران چيو آهي ته واقعي جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، ۽ پوليس گرفتار ٿيل عورت جي مڙس سميت ٽن گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.متاثر خاندان شورڪوٽ کان سير لاءِ لاهور آيو هو، ۽ مينار پاڪستان کان پوءِ اهي داتا درٻار پهتا. ان دوران عورت ۽ ڇوڪري سيوريج لائين جي مينڌر تي ويٺا هئا، جتان اهي ٻئي ڪري پيا.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز واقعي جي تري تائين پهچڻ لاءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ جاچ ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا جاچ ڪندي ۽ 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪندي.پروجيڪٽ ڊائريڪٽر زاهد عباس ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر شبير احمد کي غفلت ۽ لاپرواهي جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته عورت جي مڙس دعويٰ ڪئي هئي ته عورت ۽ سندس 9 مهينن جي ڌيءَ سيوريج لائين ۾ ڪري پيا هئا، جڏهن ته ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل طور تي ڪنهن شخص جو سيوريج جي سوراخ ۾ ٻڏڻ ناممڪن آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته 2 ماڻهو ڪري پيا هئا.جنهن جاءِ تي عورت سيوريج لائين ۾ ڪري پئي اها داتا دربار جي ويجهو پرانڌا مارڪيٽ ۾ آهي. انتظاميا ان جاءِ جي کوٽائي ڪئي هئي. واقعي وقت علائقي ۾ اوندهه هئي. ريسڪيو 1122 ۽ غوطه خور جون خاص ٽيمون ڪجهه منٽن ۾ موقعي تي پهچي ويون.واقعي تي لاهور انتظاميا جو موقف هو ته سيوريج لائين جو معائنو ڪيو ويو ۽ اهو معلوم ٿيو ته اتي ڪو به حادثو نه ٿيو آهي.ٻئي طرف گم ٿيل عورت جي پيءُ پوليس کي بيان ڏنو هو ته سندس ڌيءَ کي قتل ڪيو ويو آهي. هن بيان کان پوءِ پوليس عورت جي مڙس سميت 3 ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو.










