اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته نواز ليگ پيپلز پارٽيءَ کي پُٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو ۽ پ پ وري مولانا فضل الرحمان کي ڇُرو هنيو، پي ڊي ايم جي سياسي تَدفين ٿي وئي، هاڻي اُها ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ استحڪام اچي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن جي لانگ يا شارٽ مارچ سان ڪوبه فرق نه پوندو.مخالف ڌر ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز چيو آهي ته نوازشريف، آصف زرداري ۽ ٻيا 30 سالن کان حڪومت ڪري رهيا هئا. نوازشريف لنڊن ۽ سموري پاڪستان ۾ ملڪيتون ٺاهيون آهن. ملڪ قرضن ۾ ٻڏل هو، ادارا مفلوج هئا، عوام کي مصنوعي جهلڪ ڏيکاري وئي پر عملي طور تي ڪجهه نه ٿيو. هن ماڻهن ذاتي مقصدن جي لاءِ ادارن کي استعمال ڪيو. عوام کي خوشحالي ناهي ملي پر هنن جي اثاثن ۾ واڌ ٿي آهي. اپوزيشن ملڪ سان جيڪو ڪيو ان تي معافي گهرن ۽ ڪفارو ادا ڪن.وفاقي وزير چيو ته ڪنهن جي لانگ مارچ، شارٽ مارچ سان ڪوبه فرق نٿو پوي. لانگ مارچ ۾ به اپوزيشن کي ناڪامي ٿيندي. پي ڊي ايم کي ناڪامي ٿيندي. حق جي سوڀ ٿيندي. هنن کي عوام رد ڪري ڇڏيو. اپوزيشن اسلام آباد ڀلي اچي پر جيڪڏهن هنن قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي. اپوزيشن ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو ان تي هو معافي گهرن ۽ ڪفارو ادا ڪن.پي ڊي ايم کي ناڪامي ۽ حق کي فتح ٿيندي. شبلي فراز وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ نظر انداز ڪيل علائقن جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته سينيٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي جو تعلق فاٽا ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جو تعلق بلوچستان سان آهي.هن چيو ته وزيراعظم بلوچستان جي لاءِ تاريخي پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ته وزيراعظم فاٽا کي 100 ارب ساليانو بجيٽ به ڏنو آهي. فاٽا کي ضم ڪرڻ آسان ڪم نه هو پر اسان جي وزيراعظم اهو ڪم به ڪري ڏيکاريو. عمران خان جي پراڻي خواهش هئي ته ماضي ۾ نظر انداز علائقن جي لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي.










