قلندر جي مزار جي  پيتين مان ڪروڙين روپيه روڪ، زيور ڪڍيا ويا

قلندر جي مزار جي پيتين مان ڪروڙين روپيه روڪ، زيور ڪڍيا ويا

سيوهڻ شريف: (ن س) سيوهڻ شريف ۾ حضرت قلندر لعل شهباز جي مزار جون نذراني واريون پيٽيون 8 مهينا ۽ 14 ڏينهن جي ڊگهي وقت کان پوءِ کوليون ويون آهن.چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف مختيار ابڙو موجب چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڳڻپ جي عمل کان پوءِ گڏيل طور تي 2 ڪروڙ 38 لک 70 هزار 750 روپيه روڪ رقم هٿ آئي آهي.اوقاف کاتي جي اختيارين جي نگراني ۾ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پيتين مان نڪتل رقم نيشنل بينڪ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.روڪ رقم کان علاوه نذراني جي پيٽين مان وڏي مقدار ۾ سون، چاندي ۽ پرڏيهي ڪرنسي به نڪتي آهي. پر سون ۽ چاندي جو وزن ۽ جانچ جو عمل في الحال مستقبل جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي انهي کي عارضي طور تي محفوظ لاڪر ۾ رکيو ويو آهي.مختيار ابڙو وڌيڪ ٻڌايو ته مقرر وقت ختم ٿيڻ سبب رهجي ويل رقم ٻيهر نذراني جي پيٽين ۾ بطور امانت محفوظ ڪري رکيو ويو آهي جنهن کي ايندڙ مرحلي ۾ ڪڍيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو