قلات (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ اڻڄاتل حملي آورن جي فائرنگ ۾ هڪ قبائلي اڳواڻ سميت چار ماڻهو مارجي ويا.پوليس موجب، خالق آباد تحصيل جي سربند علائقي ۾ قبائلي اڳواڻ شاڪر سعدالله لانگو جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو.پوليس موجب، مارجي ويلن ۾ شاڪر خيرالله لانگو، محمد ڪريم ۽ محمد ظهير شامل آهن. ليويز علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










