ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قطر کان ايل اين جي کڻي ويندڙ ٻيو جهاز آبنائي هرمز ذريعي ڪراچي پهچي ويو آهي.ذريعن موجب، ايل اين جي جهاز، آبنائي هرمز ۾ روڪڻ کان پوءِ، ٻيهر ڪراچي ڏانهن روانو ٿيو هو ۽ هاڻي ڪراچي پهچي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران جنگ کان پوءِ، ٽي ايل اين جي جهاز ڪراچي پهچي چڪا آهن، جن مان هڪ آمريڪا کان پورٽ قاسم، ٻيو متحده عرب امارات کان ۽ ٽيون قطر کان پهچي چڪو آهي.










