قطر معاهدي بعداسپن بولدڪ ۾ روڪيل ٽرڪون پاڪستان واپس

قطر معاهدي بعداسپن بولدڪ ۾ روڪيل ٽرڪون پاڪستان واپس

چمن (ويب ڊيسڪ)قطر ۾ پاڪ-افغان معاهدي کان پوءِ افغانستان جي اسپين بولدڪ علائقي ۾ ڦاٿل خالي ٽرڪون چمن ذريعي پاڪستان ۾ داخل ٿي ويون،افغان شهري کي افغانستان کڻي ويندڙ ٽرڪون به افغانستان ۾ داخل ٿيون. واپار بحال ڪرڻ لاءِ اسپين بولدڪ ۾ پاڪ-افغان چيمبرز آف ڪامرس جي عملدارن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. چمن چيمبرز آف ڪامرس، پاڪ-افغان جوائنٽ چيمبرز ۽ قنڌار چيمبرز آف ڪامرس جي گڏيل ڪوششن کان پوءِ، اسپين بولدڪ ۾ ڦاٿل خالي مال بردار ٽرڪن لاءِ پاڪ-افغان سرحد کوليو ويو.آفيسرن موجب، سوين خالي ڪنٽينرن ۽ ٽرڪن کي باب دوستي جي بدران گيٽ 4 کان واپس اچڻ جي اجازت ڏني وئي.ان حوالي سان، چمن چيمبرز آف ڪامرس جي عملدارن جو چوڻ آهي ته تقريبن 2,000 پاڪستاني ڊرائيور ۽ سپورٽ اسٽاف اسپين بولدڪ ۾ ڦاٿل هئا.پاڪ-افغان تڪرار جي ڪري چمن ۾ باب دوستي ۾ واپار نو ڏينهن کان بند آهي.ٻئي طرف، طورخم بارڊر تي واپاري راهداري بحال ڪرڻ لاءِ تياريون پڻ جاري آهن.ڪسٽم ذريعن موجب، ڪارگو گاڏين جي ڪليئرنس لاءِ طورخم ٽرمينل تي هڪ اسڪينر پهچايو ويو آهي، ۽ عملي کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته هو فوري طور تي طورخم ٽرمينل تي پهچن.

پهنجو تبصرو موڪليو