ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگوار) ضلعي ۾ بدامني ۽ قبيلائي تڪرارن خلاف گهنٽا گهر کان پريس ڪلب تائين مانجهائي جماعت ۽ انساني حقن جي ڪميشن HRCP طرفان امن ريلي منعقد ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي مانجهائي جماعت جي اڳواڻ صوفي راڳي مانجهي فقير ۽ ڪميشن برائي انساني حقوق جي اڳواڻ امداد کوسو ، وڪيل عبدالغني بجاراڻي ، اعجاز کوسو ۽ ٻين ڪئي، ريلي ۾ سول سوسائٽي، سماجي، سياسي ۽ مذهبي رهنمائن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي صوفي مانجهي فقير ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ ڌرتي جي تاريخ آهي ته هي ڌرتي امن واري آهي، امن کان سواء ترقي ناممڪن آهي، هن چيو ته ڪربلا جي واقعي کان اڳ امام حسين رضه سنڌ کي امن پسند ڌرتي سمجهي ڪري يزيدي لشڪر کي سنڌ طرف وڃڻ لاء اجازت گهري پر امام حسين رضه کي سنڌ ڏانهن اچڻ نه ڏنو ويو، اڄ ان سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بلڪل خراب ٿي چڪي آهي روز بروز انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون حڪومت وقت سنڌ اندر امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هنن حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ امن ڪرايو وڃي.










