ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي قائد آباد علائقي ۾ هڪ وين جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه ماڻهو مارجي ويا.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته وين جو ڊرائيور ٽڪر کانپوءِ فرار ٿي ويو ۽ ڳولا جاري آهي.ياد رهي ته هن سال شهر ۾ هيلي ٽريفڪ ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 83 تائين پهچي ويو آهي.










