فينسي هارن،نمبر پليٽس سميت ٻين شين جي خريد وڪرو تي پابندي لاڳو

فينسي هارن،نمبر پليٽس سميت ٻين شين جي خريد وڪرو تي پابندي لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي مطابق C.P No. D-1249 of 2017 تاريخ 22-12-2022 جي تحت پريشر هارن، گاڏين جي رنگين شيشن، گاڏين جي فينسي ۽ غيرقانوني نمبر پليٽس، سائرن، ريوالونگ / بار لائٽس جي غيرقانوني خريد، وڪرو ۽ استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي جلد کان جلد عملدرآمد ڪرڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي 28 ڊسمبر 2022 تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن جي مطابق پريشر هارن، گاڏين جي رنگين شيشن، گاڏين جي فينسي ۽ غيرقانوني نمبر پليٽس، سائرن، ريوالونگ / بار لائٽس جي خريد، وڪرو ۽ استعمال ڪرڻ تي ٻن مهينن لاءِ پابند لاڳو ڪندي سيڪشن پي پي سي 188 جي تحت ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي ڪارروائيون ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ڏکڻ ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد سعيد لغاري غيرقانوني نمبر پليٽس (فينسي نمبر پليٽس)، پريشر هارن، رنگين شيشن جي استعمال ۽ غيرقانوني وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث ٿيڻ وارن ماڻهن جي خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڄاڻايل سامان کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڪري ٻن دڪانن مالڪن کي گرفتار ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي وارننگس جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ پاران جاري ڪيل حڪمن تي عملدرآمد ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ڏکڻ ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد سعيد لغاري جي نگراني هيٺ ضلعي ڏکڻ ۾ فينسي نمبر پليٽس، پريشر هارن، رنگين شيشن ۽ ريوالونگ لائٽس جي استعمال ۽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو ڀرپور انداز ۾ شروعات ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ڇاپا ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري آهي، سمورا اسسٽنٽ ڪمشنرز ان سلسلي ۾ دڪانن ۽ ڪارخانن تي ڇاپا هڻي رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ دڪانن ۽ ڪارخانن کي سيل ڪرڻ سان گڏو گڏ ان جي مالڪن جي گرفتاريون پڻ ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو