اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا طرفان خالي ڪيل قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ٻيهر اليڪشن جو اعلان ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي مان خالي ڪيل قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ 29 اپريل تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ جو شيڊول به جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب اميدوار نامزدگي ڪاغذ 13 کان 17 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبا.اميدوارن جي ڪاغذن جي اسڪروٽني 25 مارچ تائين ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب آر او جي فيصلن جي خلاف 29 مارچ تائين ايپلٽ ٽربيونل ۾ اپيلون داخل ڪري سگهبيون ۽ اميدوارن جي حتمي لسٽ 6 اپريل تي جاري ڪئي ويندي.اليڪشن ڪميشن پاران ٻڌايو ويو آهي ته ننڍي چونڊ تان هٿ کڻندڙ اميدوار 7 اپريل تائين ڪاغذ واپس وٺي سگهندا. اميدوارن کي 8 اپريل تي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا ۽ اليڪشن 29 اپريل تي ٿيندي.










