فورسز ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافتا 23 دهشتگرد مارجي ويا

فورسز ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافتا 23 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور/بنون (م ڊ ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافتا 23 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 16 ۽ 17 نومبر تي سيڪيورٽي فورسز ٻه ڪارروائيون ڪيون، پهرين ڪارروائي باجوڙ ۾ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 خارجي مارجي ويا، جن ۾ خارجين جو سربراهه سجاد عرف ابوذر به شامل هو.سيڪيورٽي فورسز ٻي ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي بنون ۾ ڪئي، جنهن ۾ 12 خارجين کي ماريو ويو…………خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ دهشتگردن طرفان پل کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڪوشش انهي وقت ناڪام ٿي وئي، جڏهن هڪ آءِ اي ڊي لڳائڻ وقت ئي ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد به مارجي ويو.بنون ڊسٽرڪٽ پوليس آفيس جي ترجمان عامر خان نجي چينل کي ٻڌايو ته 2 دهشتگرد ڊوگهڙا پل کي ڌماڪي سان اڏائڻ جو ارادو رکيو ٿي، انهي مقصد جي لاءِ انهن پل تي آئي اي ڊي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس ترجمان ٻڌايو ته آءِ اي ڊي وقت کان پهريان ئي ڦاٽي پيو جنهن سبب دهشتگرد ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته ٻيو دهشتگرد زخمي حالت ۾ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.ترجمان موجب پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، ان سان گڏ ئي مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي دهشتگرد جي ڳولا جي لاءِ سرچ آپريشن به جاري آهي.ياد رهي ته اهو واقعو تقريبن هڪ مهيني کان پوءِ سامهون آيو آهي جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بنون ۾ دهشتگردن طرفان پوليس اسٽيشن تي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. پر پوليس اهلڪارن انهن جي چرپر ۽ حرڪتون محسوس ڪندي ئي انهن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب دهشتگرد پوليس اسٽيشن جي ويجهو نه اچي سگهيا. ۽ فرار ٿي ويوجڏھن ان کان اڳ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته فتنته الخوارج جا 15 دهشتگرد مارجي ويا آهن.تفصيل موجب 15 ۽ 16 نومبر تي خيبرپختونخواهه ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ 15 دهشتگرد مارجي ويا. پهرين ڪارروائي ضلع ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪئي وئي جتي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع ملي هئي. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو انهي آپريشن جي نتيجي ۾ 10 خوارج مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ گروپ جو اهم ڪمانڊر عالم محسود به شامل هو ٻئي ڪارروائي اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ ڪئي وئي، جتي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران وڌيڪ 5 دهشتگرد مارجي ويا. علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائزيشن جا قدم جاري آهن ته جيئن ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرستي يافته خوارج کي ڳولا ڪري ختم ڪري سگهجي.سيڪيورٽي فورسز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل حڪمت عملي عزم استحڪام جي تحت دهشتگرد جي خاتمي واري جارحانه مهم پوري طاقت سان جاري رهندي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي خيبرپختونخواهه ۾ فتنته الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي 15 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشه وارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي.محسن نقوي چيو ته 15 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. بهادر سيڪيورٽي فورسز هڪ دفعو ٻيهر ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملايو. هن چيو ته قوم خيبرپختونخواهه ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو