ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪارساز سانحي جي ورسي تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ عظيم الشان جلسه عام جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت، صوبائي وزيرن، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن مان چونڊيل پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن، سينيٽرن ۽ ضلعي عهديدارن پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وقار مهدي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ڄام خان شورو ۽ اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ 18 آڪٽوبر تي ڪار ساز سانحي جي ورسي جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ عظيم الشان جلسي ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته عوام کي جلسي ۾ پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي.اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن حيدرآباد جلسي ۾ عوام جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ 18 آڪٽوبر تي لکين ماڻهو ڪارساز جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا. هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ عوام جو سمنڊ ڏيندو ته اسان پنهنجي شهيدن کي ناهي وساريو. هن وڌيڪ چيو ته 18 آڪٽوبر تي عوام پيغام ڏيندو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڪارساز سانحي جي شهيدن جو مشن زنده آهي، حيدرآباد جو جلسو ثابت ڪندو ته ملڪ ۾ رواداري، برابري، جمهوريت ۽ ترقي جي جدوجهد ۾ عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي.










