اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي جي سيڪريٽري وقار احمد صدر کي خط لکيو آهي.خط ۾ وقار احمد جو چوڻ آهي ته صدر منهنجون خدمتون واپس ڪري ڇڏيون پر مان حقيقتون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڄاڻايل بلن ۾ ڪنهن به بي ضابطگي جو ذميوار سيڪريٽري آهي. وقار احمد موجب پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2 آگسٽ تي صدر هائوس ۾ پيش ٿيو، بل 3 آگسٽ تي صدر ڏانهن اماڻيو ويو، حقيقتون واضح آهن، حقيقت اها آهي ته فائلون اڃا تائين صدارتي چيمبر ۾ آهن. وقار احمد جو چوڻ آهي ته صدر پاران سيڪريٽري جون خدمتون واپس وٺڻ جو فيصلو انصاف تي ٻڌل ناهي، صدر آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري نه ڏني ۽ نه ئي لکت ۾ واپس پارليامينٽ کي موڪليو. ڄاڻايل فائل 21 آگسٽ تائين سيڪريٽري جي آفيس ۾ واپس نه ڪئي وئي.وقار احمد صدر کي درخواست ڪئي آهي ته ايف آءِ اي يا ڪنهن اداري کان جاچ ڪرائي وڃي، انڪوائري ڪرائي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن غفلت ڪئي آهي ته ذميوار قرار ڏنو وڃي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ يا ڪنهن عدالت طلب ڪيو ته رڪارڊ سان گڏ ويندس. حقيقتون ٻڌائيندس، رڪارڊ پيش ڪري پنهنجي بي گناهه ثابت ڪندس.وقار احمد جو چوڻ آهي ته مون صدر آفيس جي وقار ۾ گهٽتائي ناهي ڪئي، 8 آگسٽ جي شام آفيس بند ٿيڻ کانپوءِ صدر کي آفيشل ڳجهي ترميمي بل موصول ٿيو، سرڪاري ڳجهي ترميمي بل 9 آگسٽ تي صدر ڏانهن اماڻيو ويو. رياست جو صدر، انهن ٻنهي بلن جي حقيقتن کان واقف آهيان، مان حلف برداري بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، صدر صاحب کي گذارش آهي ته منهنجو خط واپس وٺي.










