فائروال ڇا آهي؟ پشاور هاءِ ڪورٽ جو ڌرين کي نوٽيس

فائروال ڇا آهي؟ پشاور هاءِ ڪورٽ جو ڌرين کي نوٽيس

پشاور: (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ انٽرنيٽ سست هجڻ جي خلاف درخواست تي هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس محمد اعجاز خان تي ٻڌل پشاور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ انٽرنيٽ سست هجڻ جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل نعمان محب ڪاڪا خيل موقف اختيار ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ انٽرنينٽ انتهائي سست آهي جنهن جي ڪري صارفين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جسٽس اعجاز انور پڇاڻو ڪيو ته هي فائر وال ڪهڙي شيء آهي؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته اها اهڙي شيءَ آهي جنهن تي ڊجيٽل پليٽ فارم تي ڪنهن به شيءَ کي روڪي ۽ ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي. فائر وال انسٽال ڪيو ويو ته پوءِ جڏهن اهي چاهيندا ته آڊيو ۽ وڊيو ڊائون لوڊ نه ٿيندي صرف ميسجز ئي پهچي سگهندا. عدالت ريمارڪس ڏنا ته انٽرنيٽ ۾ ته ڪيترن ئي ڏينهن کان مسئلو آهي، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته پوري پاڪستان ۾ مسئلو آهي ۽ حڪومت انهي سلسلي ۾ ڪجهه به نه پئي ڪري، عدالت پڇيو ته ڇا حڪومت کي خبر نه آهي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ حڪومت چئي رهي آهي ته اهو وي پي اين جي استعمال سبب سست ٿيو آهي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت ماڻهن کي وي پي اين استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، وي پي اين استعمال ڪرڻ خطرو آهي پر هاڻ انهي کان سواءِ ٻيو ڪوبه آپشن نه آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي اي ۽ وفاقي سيڪريٽري آءِ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو