اسلام آباد (بيورو رپورٽ)غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين جي اسڪريننگ ۽ سڃاڻپ دستاويزن جي تصديق جاري آهي.سيڪيورٽي اختيارين موجب، اسلام آباد، راولپنڊي، جهلم، چکوال ۽ مري ۾ آپريشن ڪيا پيا وڃن.سيڪيورٽي اختيارين چيو آهي ته مختلف ضلعن ۾ آپريشن دوران 36 غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهري گرفتار ڪيا ويا آهن.سيڪيورٽي اختيارين موجب، جعلي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙن خلاف آپريشن دوران غير قانوني هٿيار ۽ منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي.سيڪيورٽي اختيارين وڌيڪ چيو آهي ته پوليس، ليڊي پوليس، رينجرز ۽ ايليٽ پوليس سيڪشن آپريشن ۾ حصو ورتو.سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊولفن اسڪواڊ، سي ٽي ڊي سميت انٽيليجنس ايجنسيون به آپريشن ۾ شامل آهن.










