غزه مان فلسطينين جي نيڪالي کي رد ڪيون ٿا، اردن

غزه مان فلسطينين جي نيڪالي کي رد ڪيون ٿا، اردن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفادي آمريڪي صدر ٽرمپ جي اردن ۽ مصر ۾ فلسطينين کي پناهه ڏيڻ جي بيان جي جواب ۾ چيو ته هو غزه مان فلسطينين جي ڪنهن به نيڪالي کي سختي سان رد ڪري ٿو.پرڏيهي وزير ايمن صفادي هڪ بيان ۾ چيو ته فلسطينين جي نيڪالي تي اردن جو موقف مضبوط ۽ اٽل آهي.عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اردن اڳ ۾ ئي قبضي هيٺ علائقن مان بي گھر ٿيل لکين فلسطينين جي ميزباني ڪري رهيو آهي.گڏيل قومن موجب، اردن ۾ 2.3 ملين رجسٽرڊ فلسطيني پناهگير آهن، جڏهن ته عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽرمپ وڌيڪ فلسطينين کي آباد ڪرڻ لاءِ اردن ۽ مصر جي امداد روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي سگهي ٿو.گذريل هفتي، آمريڪا اسرائيل ۽ مصر کان سواءِ سڀني پرڏيهي امداد کي روڪي ڇڏيو.عرب ميڊيا موجب، اسرائيل کان پوءِ اردن ۽ مصر کي وچ اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ آمريڪي امداد ملي ٿي.ياد رهي ته اردن ۽ مصر ماضي ۾ چيو آهي ته اهي وڌيڪ فلسطيني پناهگيرن کي قبول نه ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو