غزه جنگ جي حڪمت عملي تي اختلاف، وزير مستعفي

غزه جنگ جي حڪمت عملي تي اختلاف، وزير مستعفي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)غزه جنگ بابت اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو جي پاليسين سان اختلاف سبب اسرائيلي وزير بيني گينٽز جنگي ڪابينا جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيتن ياهو جي ڪابينا جي اڪيلي سينٽرل ميمبر جي استعيفيٰ سان نيتن ياهو جي حڪومت کي فوري طور تي ڪو به خطرو ناهي پر سندس وڃڻ سان اسرائيلي حڪومت کي سينٽرل بلاڪ جي حمايت ختم ٿي سگهي ٿي. خابرو اداري موجب گينٽز گذريل مهيني نيتن ياهو کي غزه جنگ ۾ حماس خلاف واضح حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 8 جون جي ڊيڊ لائن ڏني هئي پر نيتن ياهو فوري طور سندس الٽي ميٽم کي رد ڪري ڇڏيو هو. هن چيو آهي ته نيتن ياهو اسرائيل کي جنگ ۾ ڪاميابي کان روڪي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو