واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)نئين چونڊيل آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته غزه جنگ بابت هن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان تمام سٺي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ٽرمپ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته هو 20 جنوري تي ايندو ۽ معاملي کي ٻيهر ڏسندو.واضح رهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڇنڇر جي رات ٽرمپ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.فلوريڊا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو يوڪرين ۾ جنگ روڪڻ لاءِ روسي صدر پيوٽن ۽ يوڪرين جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، روس ۽ يوڪرين جي صورتحال وچ اوڀر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکي ٿيندي.










