اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي غزه امن بورڊ جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو امڪان آهي.غزه امن بورڊ جو پهريون اجلاس 19 فيبروري تي واشنگٽن ۾ ٿيندو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي شرڪت جي اميد آهي.ذريعن موجب، اجلاس ۾ غزه جي موجوده صورتحال، جنگ بندي، انساني امداد ۽ پائيدار امن سان لاڳاپيل معاملن تي بحث ڪيو ويندو.اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت بابت آخري فيصلو ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.آمريڪي صدر ٽرمپ غزه امن بورڊ جي سڀني 25 ميمبر ملڪن کي دعوت ناما موڪليا آهن.










