غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ شدت اچي وئي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 100 فلسطيني شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج بيت لاهيا ۾ رهائشي عمارتن تي بمباري ڪري انهن 100 مان 75 کي شهيد ڪيو.گذريل 2 مهينن دوران اتر غزا تي جاري اسرائيلي محاصري ۾ وحشي زميني ۽ فضائي حملن ۾ شهيدن جو انگ 2 هزار 700 تائين پهچي ويو آهي.ٻئي طرف غزه جا فلسطيني خوراڪ جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.بيڪري ٻاهران ڀاڄ، 3 عورتون سڙي فوت ٿي ويون.غزه جي سرڪاري ميڊيا آفيس خبردار ڪيو آهي ته محصور علائقي ۾ بک ۽ بدحالي جي صورتحال تباهي واري سطح تي پهچي چڪي آهي.غزه جي سرڪاري ميڊيا آفيس ورلڊ فوڊ پروگرام کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي خوراڪ جي ورڇ شروع ڪئي وڃي.










