نوابشاھه (رپورٽ اي ڪي ڏاھري)ڊپٽي ڊائريڪٽروومين ڊيولپمينٽ شهيد بينظيرآباد نسيم حسن مستوئي جي صدارت هيٺ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي روڪٿام ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ اجلاس ڊي آءِ جي آفيس هال ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفئير محمد صابر قريشي،انفارميشن آفيسر شيرمحمد جمالي، ڪمپلين سيل انچارج ڊي آءِ جي آفيس ممتاز علي بروهي، ايس ايڇ او وومين پوليس مريم ڀرٽ، اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر محمد علي عباسي، انچارج وومين پروٽيڪشن سينٽر نوشهروفيروز عابده پروين ، نزهت، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ فرحانه صالح، شبانه ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس کي آگاھي ڏيندي ڊپٽي ڊائريڪٽروومين ڊيولپمينٽ نسيم حسن مستوئي چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورتن خاص طور تي گهريلو عورتن تي ٿيندڙ تشدد جا واقعا تمام گهٽ رپورٽ ٿي رهيا آهن جنهن جوڪارڻ عورتن کي پنھنجي حقن بابت گھٽ ڄاڻ ھئڻ سان گڏوگڏ ناخواندگي آهي ھن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران انھي حوالي سان گھريلو پريشانن کان تنگ ٿي گھرن مان نڪرڻ وارين عورتن جي مدد لاءِ ھر ضلعي ۽ تعلقي سطح تي سيف ھائوسز قائم ڪيا ويا آھن ته جئين انهن متاثر عورتن کي سھارو ملي سگھي ھن وڌيڪ چيو ته چيف سيڪريٽري پاران ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ سيف ھائوسز جي بھتري لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنھن ۾ وومين ڊيولپمينٽ،پوليس،سوشل ويلفئير ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن کي شامل ڪيو ويو آهي پر ان هوندي پڻ عورتن جي حالت زار کي بهتر بنائڻ ۾ خاطر خواھ ڪم ناهي ٿي سگهيو ھن وڌيڪ چيو ته موقعي تي متاثر عورتن جي واھر نه ٿيڻ ڪري ھنن جا مسئلا وڌي وڃن ٿا جنھن کي حل ڪرڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون هن وڌيڪ چيو ته اڄ جي اجلاس گهرائڻ جو مقصد عورتن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ايندڙ ڏکيائين کي حل ڪرڻ آهي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس کاتي پاران هميشه تعاون رهيو آهي ۽ اميد آهي ته گهريلو تشدد ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيندڙ عورتن جي مدد لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندا هن وڌيڪ چيو ته دارالامان ۽ سيف هائوسز ۾ سهولتن جي کوٽ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ان موقعي تي ايس ايڇ او وومين پوليس مريم ڀرٽ ٻڌايو ته گذريل سال ۾ گهريلو تشدد جون 25 ۽ هن سال 11 ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون آهن جڏهن ته ننڍپڻ جي شادين خلاف پڻ 5 ايف آئي ارز داخل ڪيون ويون آهن.










