عوام ۽ فوج ۾ ڏڦير پيدا ڪندڙن جي ڪوشش ناڪام بڻائبي

عوام ۽ فوج ۾ ڏڦير پيدا ڪندڙن جي ڪوشش ناڪام بڻائبي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم کي 76 هين يوم آزادي جي مبارڪباد ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هو پاڪستان جي فوج ۽ عوام جي وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي دشمن قوتن جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا.چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا قوم کي جشن آزادي جي مبارڪباد ڏني آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي بيشمار قربانين جي ياد ڏياري ٿو.ڌرتيءَ جي هزارين فرزندن وطن جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪيون.آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن اسان جي بزرگن ۽ اڳواڻن جي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي خواب جي تعبير آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي جو چوڻ آهي ته هٿياربند فوج عوام جي حمايت سان ملڪ جي سالميت ۽ امن جو دفاع ڪندي رهندي، هٿياربند فوج پاڪستاني عوام جي امنگن موجب قوم جي خدمت ڪندي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو