لنڊن (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ باني جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جو چانسلر بڻجڻ جو خواب خواب ئي رهجي ويو.يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل اميدوارن جي لسٽ ۾ سندس نالو شامل نه ڪيو ويو،آڪسفورڊ يونيورسٽي چانسلر جي چونڊ لاءِ اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي،آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل لسٽ ۾ پي ٽي آءِ جي باني جو نالو شامل ناهي.چانسلر جو عهدو روايتي ۽ علامتي نوعيت جو آهي ۽ هن اليڪشن ۾ اهم شخصيتون حصو وٺي رهيون آهن.










